ڪراڪس _ 26 جولاءِ (اي پي پي ) وينزويلا ۾ صدارتي چونڊ مهم ختم ٿي وئي آهي پر صدر نڪولس مادورو جي شڪست جي صورت ۾ رت جي هولي جي چتاءُ غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. اي ايف پي مطابق هزارين ماڻهن گادي واري شهر ڪراڪس ۾ مادورو ۽ سندس مخالف ايڊمنڊ وگونزاليزا روٽيا جي آخري ريلين ۾ شرڪت ڪئي. گذريل ڏينهن هڪ و??يو ۾ صدر نڪولس مادورو قوم آڏو ان ڳالهه کي ورجايو ته اهوئي امن ۽ استحڪام جي ضمانت ڏئي سگهي ٿو جڏهن ته گونزاليزاروٽيا ماڻهن تي زور ڏن?? ته هو نف??ت جو پيغام تو??ان کي ڊيڄارڻ لاءِ ڏئي رهيو آهي.