پيرس -19 مارچ (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ۽ يونيس??و جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد يونيس??و جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي 219هين اجلاس ۾ پاڪستان جو نقطئه نظر پيش ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تنظيم جي اسٽريٽجڪ سميت سندس مقصدن مطابق ۽ گهربل فريم ورڪس موجود هئڻ گه??جي ته جيئن هو مالياتي ضابطن جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري سگهي. هن جٽادار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ ۾ وڏي وڇوٽي کي ختم ڪرڻ ??اء?? بجيٽ جي موثر نگراني، ڪنٽرول ۽ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته تعليم پاڪستان ??اء?? اولين ترجيح آهي. هن ڊجيٽل مهارتن ۽ وسيلن تائين رسائي کي بهتر بڻائي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ??اء?? پاڪستان سان گڏ يونيس??و جي سهڪار کي ساراهيو جيڪو صنفي برابري ۽ ڊجيٽل شموليت ??اء?? گڏيل ويزن جي عڪاسي آهي. هن چيو ته يونيسڪو سهڪار کي وڌائي ۽ سرحدن کان ٻاهر ثقافتي شين ۽ خدمتن جي رسائي کي يقيني بڻائي ماڻهن ??اء?? پنهنجو ۽ ٻين جي ثقافتي اظهار تائين رسائي جون حالتون پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن آفريڪا سان ڳنڍيل ترجيحن، صنفي برابري ۽ سمال آئي لينڊ ڊويلپنگ اسٽيٽس (ايس آءِ ڊي ايس) بابت آپريشنل حڪمت عملي جي حمايت جو ورجاءُ پڻ ڪيو. هن عالمي فورمز تي يونيس??و جي ترجيحن جي موثر نمائندگي ??اء?? بهتر داخلي هم آهنگي ۽ بهتر اسٽريٽجڪ نقطئه نظر جي اهميت تي به زور ڀريو. پاڪستان جي سفير فلسطيني عوام جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 7 ڏهاڪن کان جاري ناانصافي، ڏاڍ، رياستي دهشتگردي ۽ غيرقانوني قبضا ان مسئلي جو اصل سبب آهن. هن چيو ته يونيس??و جنهن طريقي غزه جي صورتحال تي هن وقت تائين رد عمل ظاهر ڪيو آهي ان جي بنياد تي بي حسي، تعصب ۽ ٻٽي معيار ان جي ساک تي سنگين شڪ شبها پيدا ڪيا آهن جيڪي اهڙين حالتن ۾ سندس قدمن جي قانوني حيثيت کي پڻ متاثر ڪري سگهي ٿو.