اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين جي بني??دي انساني حقن جي احترام ۽ آز??دي کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي غيرذميواراڻن قدمن جي ڪ??ي امن ۽ سلامتي کي خطرن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي حڪومت پا??ان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انگ ۽ ان جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي، نام نهاد وڏي جمهوريت هجڻ جو دعويدار ڀارت جو اصل چهرو مڪمل طور تي بي نقاب ٿي چڪو آهي. ڪشمير جي ڪ??ري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته هن سال ڪشمير جو ڪارو ڏينهن جيڪو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ماضي جي ڀي?? ۾ مختلف ۽ نمايان آهي، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي وڌيڪ هڪ طرفن قدمن ذريعي اڳ ۾ ئي تڪراري علائقي جي حيثيت ۾ ترميمون ڪندي آبادياتي ڍانچي ۽ سڃاڻپ کي تبديل ڪري ڇڏيو.