اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪنهن حڪومت ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ڳڻتي ظاهر نه ڪئي، پهرين حڪوم?? آهي جنهن ماحولياتي تبديلين جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن?? شهرن جي پکيڙڻ بدران اسان گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير ڏانهن وينداسين، حڪومت ۾ اچڻ اڳ منهنجو اهو عزم هو ته اقتدار ۾ اچي ماحولياتي تبديلي اولين ترجيح هوندي، اهو ئي سبب آهي جو خيبرپختونخوا ۾ 2013ع ۾ حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اسان بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو، ان منصوبي جي آغاز دوران معلوم ٿيو ته ٽمبر ما??يا هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي ڪا به جهل پل نه آهي، 10 گارڊ ان ما??يا جي هٿان ماريا ويا، گذريل 10 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻ وڍيا ويا، اهو ئي سبب آهي جو لاهور آلوده ترين شهر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن واري ستين ايشيائي علائقائي ڪنزرويشن ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.