اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان چين جي سفير يائو جنگ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کانسواءِ خطي، علائقائي ۽ عالمي نوعيت جي اهم معاملن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي چين جي سفير يڪجهتي جو اظهار ڪندي چين جي حڪومت طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ??ورونا وائرس سبب درپيش مسئلي تي چين پاڪ??تا?? سان گڏ بيٺل آهي، سينيٽ چيئرمين چين جي ماهرن جي وفد جي تازي دوري کي انتهائي مفيد قرار ڏنو ۽ چيو ته ماهرن ۽ ميڊيڪل پروفيشنلز پاڪ??تا?? جي طبي ماهرن ۽ عملي کي پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪ??تا?? ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻن ۾ مدد ملندي.