اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آ??ي ته ڇا گذريل هڪ مهيني دوران ملڪ ۾ ڪا نئين اليڪشن ٿي آهي، جنهن ۾ ڌانڌلي ٿي جو مخالف ڌر اوچتو اسيمبلي مان نڪري رستن تي اچڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اسد عمر چيو ته ائين ته نه آ??ي ته ايف اي ٽي ايف جا قانون منظور ٿيندي ئي مخالف ڌر جي اين آر او جي اميد دم ٽ??ڙي وئي ??هي.