پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سڌارن واري نظام ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ اسٽيٽس ڪو جي مزاحمت جي خاتمي جي عزم جو هڪ دفعو ٻيهر ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري رهندو، 2019ع مشڪل سال هو، ايندڙ سال مع??شي استحڪام ۽ ترقي جي لحاظ کان بهتر هوندو، سرڪاري اسپتالن ۾ پرڏيهي ملڪ?? جي طرز تي جديد نظام متعارف ڪرائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وز??راعظم عمران خان گورنر هائوس پشاور ۾ اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن، دل جي بيماري?? جي ماهر?? جي تنظيم ”اپنا“ ۽ خيبر ميڊيڪل ڪاليج جي ايلومينائي ايسوسيئيش?? جي 42 هين سالياني ونٽر ميٽنگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب دوران ڪيو.