اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته ڪشميري عوام 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير ۾ ڪيل ڀارت سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪي آهي، ڀارت سرڪار جي ن??رت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، نئون سياسي ن??شو پوري پاڪستاني قوم جي امنگن جي ترجماني ڪر?? ٿو، پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏيهي وز??رت ۾ ميڊيا ايڪرز کي بريفنگ ڏيندي چئي. پرڏيهي وزير صحافين/ اينڪرز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ خطي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان ڀارت جي هندوتوا پاليسين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي ن??اب ڪيو. ڀارت سرڪار جي ن??رت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾وجهي ڇڏيو آهي. ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاه?? ٿو، جيڪو عالمي قانونن جي منافي آهي. پرڏيهي وزير چي?? ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان جي نئين سياسي ن??شي جي منظوري هڪ تمام وڏو قدم آهي.