اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بحرين جي وزيراعظم خليفه بن سلمان الخليفه جي لاڏاڻي ت?? گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ مثالي دوست کان محروم ٿي ويو، بحرين جي وزيراعظم ٻنهي ملڪن ۾ مثالي ڀائيچاري جي ر??شن علامت ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ عظيم اڳواڻ هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحرين جي سفارتخاني آمد ۽ بحرين جي پاڪستان ۾ مقرر سفير محمد ابراهيم محمد عب??القادر سان بحرين جي قيادت ۽ ڏ??ويل خاندان لاءِ تعزيت جو اظهار ڪندي ڪيو.