اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اع??ان ۽ قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گه??ائڻ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ ڪووڊ – 19 جي ڪري پارلياماني ڪ??ينڊر تي عملدرآمد جو جائزو به ورتو ويو، ڊاڪٽر بابر اعواڻ اسپيڪر کي التوا ۾ پيل قانوني مسودن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته اجلاس گه??ائڻ جي لاءِ پارلياماني پارٽين سان مشاورت ڪئي ويندي.