چڪدره – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ڏيوالپڻي سان تمام گهڻي مهانگائي ۽ روپئي جو مُلهه گهڻو ڪري پوي ٿو، دوست ملڪن مدد ڪري ڏيوالپڻي کان بچايو، گذريل 30 سالن دوران ملڪ جو پسئو چوري ڪيو ويو، مسلم ليگ (ن) پنهنجي پهرئين اڍائي سالن ۾ قرضن تي وياج جي مد ۾ 3 هزار روپيا جڏهن ته اسان 6.2 ٽريلين روپيا ادا ڪيا آهن، مسلم ليگ (ن) وياج سمڪيت قرض جي ادائيگي جي مد ۾ 20 هزار ارب روپيا 7 اسان 35 هزار ارب روپيا واپس ڪيا آهن، سنڌ حڪومت بنڊل آئي لينڊ جزيري ۾ سيڙپڪاري جي اجازت نه ڏئي رهي آهي، مشڪل حالتن مان اسان نڪري آيا آهيون، سياحت جي شعبو ت??قي ڪندو ته روزگار جا موقعا وڌندا، ٽيڪنالاجي ۽ فني تعليم جي وڏي اهيمت آهي، اهڙا منصوبا لڳائي رهيا آهيون جنهن سان ملڪي دولت وڌندي، ڪو ملڪ صنعتي شعبي جي فروغ کانسواءِ ت??قي نٿو ڪري سگهي، زرعي شعبي جي ت??قي لاءِ ايندڙ هفتي نئين پاليسي آڻ??ند??سين. اهڙن خيالن جو اطهار هن يونيورسٽي آف مالاڪنڊ جي نئين بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته دنيا جون سموريون يونيورسٽيون ڏسي چڪو آهيان، نمل يونيورسٽي پاڪستان جي آڪسفورڊ يونيورسٽي بڻجندي. القادر يونيورسٽي جي به سيپٽمبر ۾ به تڪميل ٿي ويندي، دنيا جي وڏن وڏن اسڪالرن کي ان جي بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڪوشش آهي ته قوم کي هڪ اهڙي پڙهيل لکيل قيادت فراهم ڪئي وڃ?? ته جئين اسان کي پتو پئجي سگه?? ته دنيا ۾ اسان جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي. هن چيو ته انسان اشرف المخلوقات آهي، انسان کي دنيا ۾ پنهنجي اچڻ جو مقصد سمجهڻو پوندو، صرف پنهنجي لاءِ انسان جي زندگي جو مقصد نه آهي، پئسو خوشي نٿو ڏي، خوشي ان وقت ملي ٿي جڏهن انسان سڌي رستي تي هلندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ به ارب پتي ماڻهو موجود آهن ۽ کين ان جو پتو ئي ناه?? ته انهن وٽ ڪيتري دولت آهي، 30 سال ملڪ جو پئسو چوري ڪيو ويو، اهڙي پئسي جو ڪهڙو فائدو جڏهن انسان پاڻ به ڪوڙ ڳالهائي ۽ سندس ٻار به ڪوڙ ڳالهائ??ند?? هجن، ڪڏهن اسپتال ۽ ڪڏهن جيل وڃي رهيا هجن، اهو اسان جي لاءِ عبرت جو مقام آهي، مسلمان دنيا جي وڏي طاقتن کي پنهنجي ڪردار جي زور تي شڪست ڏني هئي.