اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ ت??ريخي امنگن جي عڪاس آه??، 23 مارچ جو ڏينهن قوم جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قومي سلامتي جي تحفظ ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آه??ون. پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ 2021ع جي موقعي تي پرڏيهي وزير هڪ پيغام ۾ چيو آه?? ته 23 مارچ جو ڏينهن قوم لاءِ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ان ڏينهن اسان آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڏڙن جي انهن قربانين کي تازو ڪريون ٿا جنهن جي شروعات 1940ع ۾ تاريخي قرارداد پاڪستان سان ٿي ۽ آخر ڪار 7 سالن جي ٿوري عرصي ۾ هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيو. قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ ت??ريخي امنگن جو عڪاس آه??، ان ڏينهن اسان قائداعظم سمورن اڳواڻن، ??زر??ن، شهداءَ ۽ پنهنجي هيروز کي زبردست انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن عظيم قربانيون ڏئي آزاد ملڪ جي خواب کي عملي جامو پارايو. اهو ڏينهن اسان کي اهو موقعو به فراهم ڪري ٿو ته اسان پنهنجي ملڪ کي حقيقي فلاحي، ترقي پس??د ۽ خوشحال رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون. ان موقعي تي آئون ان ڳالهه کي ورجائڻ چاهيان ٿو ته موجوده پاڪستاني قيادت جو سڄو ڌيان ”نئون پاڪستان“ ويزن تحت عوامي ڀلائي ۽ ت??قي تي آه??، پرڏيهي وزير چيو ته قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ به اسان پوري طرح پرعزم آه??ون. اسان جو ڌيان، جاگرافيائي سياسي ترجيحن کان جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي مرڪوز ٿي چڪو آه??. موجوده حڪومت پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آه??، پاڪستان امن ۽ استحڪما، ترقياتي حصيداري ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ جي پاليسين تي عمل پيرا آه??. ان ڏينهن اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏنل خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان به يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي حمايت ڪريون ٿا.