اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ ج?? بدانتظامي جي خلاف شڪايت تي بينڪنگ محتسب پاران مناسب ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي معاملي تي قانون ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايوان ص??ر جي ميڊيا ونگ موجب لاهور جي رهواسي عورت روبي انوار حبيب بئنڪ ۾ پنهنجي اڪائونٽ مان 140000 روپين جي رقم بنا اجازت منتقل ڪرڻ ۽ بئنڪ ج?? بدانتظامي تي ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، هن بئنڪنگ محتسب کي پنهنجي شڪايت ۾ ٻڌايو ته لاڳاپيل بئنڪ ج?? سامهون ان بدانتظامي جو معاملو اٿاريو ويو پر کيس ڪو به رليف نه ڏنو ويو. بئنڪنگ محتسب مناسب جاچ کانسواءِ ۽ شڪايت ڪندڙ کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيس بند ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي.