ا??لا?? آباد ??? 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اع??اڻ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت جا اع??ال انهن جي سامهون اچي رهيا آهن، ليگي ترجما??ن طرفان ڪرپشن جي ڪوڙ ۽ نڪ جي پڪائي سان دفاع ڪرڻ شرمناڪ آهي، فارن فنڊنگ جو واويلا اهي مچائي رهيا آهن جيڪي پنهنجي اولاد ۽ پرڏيهي اڪائونٽس سميت پرڏيهه ۾ رهن ٿا. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اع??اڻ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ليگي ترجما??ن طرفان ڪرپشن جو ڪوڙ ۽ نڪ جي پڪائي سان دفاع ڪرڻ شرمناڪ آهي.