ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان سمورن شعبن ۾ ٻه طرفي ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي هڪ ٻي جي قومي معاملن تي گڏيل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سان آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس 2020ع جي موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعت??اد ۽ حمايت تي ٻڌل ٻه طرفي ل??ڳا??ن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.