اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مد??گا?? شهزاد اڪبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۾ وڏي پئماني تي مالي گهپلن جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن بي آءِ ايس پي مان ناجائز فائدو کنيو، 2037 آفي??ر بايوميٽرڪ ذريعي وظيفا وٺندا رهيا، بي آءِ ايس پي جي آف??سرن کي برطرف ڪيو ويو جڏهن ته سمورا ڪ??س ايف آءِ اي کي ڏينداسين، دوکيبازي ۽ مدد ڪندڙن جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويندا، سرڪاري آف??سرن ۾ اڪثر گهرڀاتين ذريعي فائدو کڻندا رهيا. اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مد??گا?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهزاد اڪبر بي آءِ ايس پي ۾ اعليٰ سرڪاري آف??سرن پاران فراڊ ذريعي مالي فائدا حاصل ڪرڻ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري آف??سرن غريبن جا حق ماريندي بي آءِ ايس پي مان فائدو کنيو.