اسلام آباد ??? 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ترڪيءَ سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فتح الله گولن دهشتگرد تنظيم جي حوالي سان ترڪيءَ سان گڏ بيٺل آهيون. وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ترڪيءَ سان گڏ بيٺل آهي ۽ فتح الله گولن دهشتگرد تنظيم (ايف اي ٽي او) پاران ترڪيءَ کي درپيشن خطرن جي خاتمي لاءِ ترڪيءَ جي هر قدم جي ڀرپور معاونت لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي نالي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وز??راعظم عمران خان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ترڪيءَ جي جم??ور??ت ۽ قومي ڏينهن جي موقعي تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.