اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته محرم الحرام جو مهينو اس??ن جي دين جي بزرگن طرفان اسلام ج?? خاطر ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو، محرم الحرام اس??ن کي پنهنجي اسلاف جي قربانين، صبر ۽ برداشت، اس??قامت ۽ همت، حق چوڻ ۽ اعليٰ انساني قدرن جي بقاءُ لاءِ هر قوت جي سامهون ڄمي وڃڻ جو ابدي پيغام ڏي ٿو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن محرم الحرام جي حو??لي سان پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اسلامي ڪيلينڊر جي سال 1442 هه جو آغاز ٿي چڪو آهي، ان بابرڪت موقعي تي آئون پاڪستاني قوم ۽ اهل اسلام جي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريان ٿ?? ۽ ??دا پاڪ جي حضور دعا ڪريان ٿو ته اهو هجري سال اس??ن سڀني جي لاءِ باعث رحمت ۽ برڪت هجي. آمين.