اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ت?? ايف اي ٽي ايف ??ابت قانونسازي لاءِ حڪومت لائحه عمل طئي ڪري ورتو آهي. پارليامينٽ جي ايندڙ سيشن ۾ قانونسازي جو عمل اڳتي وڌندو، ذاتي مفادن بدران ملڪي مفاد کي ترجيح ڏيندڙ مخالف ڌر جا ميمبر به ان بل جي اهميت کي سمجهندي مڪمل سپورٽ ڪندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڪري پارليامينٽ جو سيشن ايندڙ هفتي منعقد ٿيندو، ايندڙ سيشن جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي، ايف ??ي ٽي ايف ??ل پاڪستان جي لاءِ ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ گهڻي اهميت رکي ٿو.