وزيراعظم پاران اسلام آباد جي علائقي پشاور موڙ ۾ قائم پناهه گاهه جو درو

image
APP73-15 ISLAMABAD: October 15 - Prime Minister Imran Khan having dinner with citizens during visit to Panagah at Peshawar Morr in the federal capital. APP

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي علائقي پشاور موڙ ۾ قائم پناهه گاهه جو درو ڪيو. وزيراعظم جي خاص مددگار ثانيه نشتر، سينيٽر فيصل جاويد، ۽ پاڪستان بيت المال جو ايم ڊي عون عباس به ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم پناهه گاهه جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ پناهگاه جي انتظامن ۽ سهولتن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عون عباس وزيراعظم کي پناهگاهن جي انتظامن ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، وزيراعظم پناهگاهن جي انتظامن کي ساراهيو ۽ چيو ته پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي عزت نفس جو احترام يقيني بڻايو وڃي ۽ کين معياري سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش