اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليمي ??عي??ر ٺيڪ نه آهي جيڪو اسان جي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته انجنيئرز جون نوڪريون ڪو وڏو مسئلو نه آهي اصل مسئلو تعليمي ادارن ۾ ناقص تعليمي ??عي??ر آهي، هن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) کي چيو آهي ته ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 يونيورسٽيون اهڙيون هجن جنهن جو سليبس، ڊگري پروگرام ۽ ??عي??ر عالمي هجي، هن چيو ته قابل ??اڻ??ن لاءِ نوڪريون حاصل ڪرڻ ڪو مشڪل نه آهي.