اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته ماحولياتي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلين جي اث??ن کي منهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، سرسبز علائقن ۾ وڻن کي وڍي وڏيون عمارتون اڀ??ون ڪيون ويون، ماضي جون حڪومتون ٻيلن جي زمين سياسي مقصدن لاءِ ماڻهن کي ليز تي ڏينديون رهيون، ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي منصوبي سان مقامي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلين ٽري سونامي منصوبي تحت ملڪ ۾ ماکي جي پيداوار وڌائڻ جي پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.