اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعليم لاءِ ترقياتي بجيٽ وڌ??ئڻ لاءِ تجويزون طلب ڪندي چيو آهي ته قوم جي تقدير بدل??ئڻ لاءِ جديد علم جي تدريس نهايت اهم آهي، ان لاءِ عالمي معيار جي ادارن جو قيام بهترين قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نالج اڪانومي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، نالج ٽاسڪ فورس جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وزيراعظم کي هري پور هزاره ۾ پاڪستان آسٽرين يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ انجنيئرنگ جي اڍائي سالن جي رڪارڊ مدي ۾ تڪميل جي حوالي سان آگاهه ڪيو، منصوبي جي منظوري 2018ع ۾ ٿيڻ کانپوءِ ان جي تڪميل ۽ ڪلاسن جو آغاز سيپٽمبر 2020ع ۾ ٿي چڪو، يونيورسٽي 8 عالمي (3 آسٽرين، 5 چيني) يونيورسٽين سا?? ڳنڍيل آهي جتي مقامي شاگردن کي اعليٰ تعليمي سهولتون ۽ جديد علم پڙهايو ??يو ??ڃي، ان کانسواءِ وزيراعظم کي عالمي سطح تي مستقبل ۾ نهايت اهميت رکند?? 12 ??ديد ٽيڪنالاجيز جي تعليم ۽ ترويج لاءِ حڪمت عملي تي به بريف ڪيو ??يو.