جده – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي عر?? جي دوري دوران سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان جده ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻط??ف?? علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ مخلصاڻي خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران کيس سعودي عر?? جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا.