اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي نيشنل ڊيجيٽل انفارميشن پل??ٽ فارم ”اين ڊي آئي پي“ منصوبي تحت قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ان ??والي سان هڪ پروقار تقريب دوران ??در ڊاڪٽر عارف علوي قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي تحت پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان، پيمرا، پي آئي ڊي، ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۽ ميڊيا يونيورسٽي جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، اطلاعت ۽ نشريات وارو وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، انساني حق?? واري وفا??ي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، وزيراعظم جو احتساب ۽ گهرو معاملن بابت خاص معاون شهزاد اڪبر ۽ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد کانسواءِ اعليٰ عملدا?? پڻ شريڪ هئا.