اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين پاڪستان جي 74 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو، اها تصويري نمائش 13 ۽ 14 آگسٽ 2021ع تائين جاري رهندي. افتتاحي تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هر سال وانگر هن سال به اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان جي عوام ۾ 1947ع جي آزادي جي جذبي جي تازو ڪرڻ لاءِ ان نمائش جو انعقاد ڪيو. آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ٿيندڙ اها تصويري نمائش قائداعظم محمد علي جناح جي فعال قيادت ۾ دني?? جي نقشي تي هڪ نئين اسلامي رياست جي قيام لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڊگهي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿي. هن چيو ته ان نمائش جو بنيادي مقصد اهو آهي ته آزادي جي ڏهاڙي ۽ قرارداد پاڪستان جي حوالي سان نئين نسل کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته پاڪستان ڇو اسان جي لاءِ ضروري هو ۽ اڄ به سڀني ??سئلن جي باوجود ڪيتري وڏي نعمت آهي ۽ ان جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ڪنهن کي پ??هنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ سال پاڪستان جي ناياب تصويرن کي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اپ گريڊ ڪيو ويندو. هن چيو ته نمائش ۾ رک??ل ناياب تصويرون پاڪستان جي تاريخ ۾ دلچسپي رک??دڙ ماڻهن لاءِ اهميت رک??دڙ هونديون. افتتاحي تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.