اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. ??ڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 67 ف??تگيون ٿيون جنهن مان 24 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ڄي ملڪ ۾ 2 هزار 988 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 47 سيڪڙو، لاهور ۾ 59 سيڪڙو، ملتان 76 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 61 سيڪڙو مريض ??هن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان گجرات ۾ 63، صوابي ۾ 60 سيڪڙو، ملتان ۾ 66 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 78 سيڪڙو مريض ??هن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 158 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 16 هزار 497، پنجاب ۾ 19 هزار 38، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هزار 52، اسلام آباد ۾ 4 هزار 103، بلوچستان ۾ 930، گلگت بلتستان ۾ 489 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 49 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 10 لک 90 هزار 176 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته ??ڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 558 مريض ??هن. ??ڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 90 هزار 545 آهي. ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 7 هزار 508 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 379، بلوچستان ۾ 32 هزار 591، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 168، اسلام آباد ۾ هڪ لک 2 هزار 863، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 68 هزار 748، پنجاب ۾ 4 لک 14 هزار 390 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 45 هزار 369 مريض ??هن. ??ڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 26 هزار 767 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 159 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 مريض ??سپتالن ۾ جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 12 هزار 225 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12 مريض ??سپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 270 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 20 مريض ??سپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 889 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض ??سپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. بلوچستان ۾ ڪل 342 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 181 فوتگيون ٿيون, جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض ??سپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 721 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض ??ن وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 85 لک 21 هزار 728 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. ??ڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 5 هزار 425 مريض ??لاج هيٺ آهن.