ڪابل-21 سيپٽمبر (اي پي پي) افغا??ست??ن جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته افغا??ست??ن ۾ استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون تعريف جوڳ??ون آهن، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو ويندو، افغان ۾ داعش موجود ناهي. افغا??ست??ن جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ اڃا ڪابينه جي جو??جڪ مڪمل نه ٿي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو، اسان هڪ گڏيل ۽ جامع حڪومت جي جو??جڪ طرف وڌي رهيا آهيون، جن ۾ عورتن کي پڻ اهم عهدا ملندا، جڏهن ته ملڪ ۾ نياڻين لاءِ جلد اسڪول کوليا ويندا. هن چيو ته عبوري ڪابين?? ۾ ??ختلف مسلڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو. عالمي برادري افغا??ست??ن جي حڪومت کي تسليم ڪري جڏهن ته افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ صرف تنقيد ڪرڻ هڪ طرفي سوچ آهي. هن چيو ته قطر، پاڪستان ۽ چين جهڙا ملڪ افغا??ست??ن ۾ استحڪام جي ڪوششن لاءِ سرگرم آهن، طالبان چاهين ٿا ته افغا??ست??ن ۾ ڪابه پرڏيهي مداخلت نه ٿئي، جڏهن ته سهڪار جي آجيان ڪئي ويندي. هن افغا??ست??ن ۾ حڪومت جي حوالي سان پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي بيان کي هاڪاري ردِعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان، قطر ۽ ٻيا جيڪي به ملڪ افغا??ست??ن ۾ امن جا خواهشمند آهن اهي افغا??ست??ن ۾ سياسي اڳڀرائيءَ جا حمايت ڪندا رهندا ۽ اسان قطر ۽ ٻين ملڪن سان رابطي ۾ آه??ون ۽ جيڪي ملڪ افغا??ست??ن ۾ استحڪام لاءِ مدد ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي آجيان ڪئي ويندي. هن چيو ته افغا??ست??ن ۾ جلدئي اقتصادي سرگرم??ون بحال ڪ??ون وينديون. ذبيح الله مجاهد وڌيڪ چيو ته افغا??ست??ن ۾ داعش موجود ناهي، جڏهن ته دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جا جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن اهي ٽڙيل پکڙيل دهشتگرد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انهن واقعن جي روڪٿام تي پڻ جلد ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته افغان عوام ۾ داعش خلاف نفرت موجود آهي. ننگرهار ۽ جلال آباد جي دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي ذبيح الله مجاهد چيو ته ان سلسلي ۾ ٻن گروپن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عورتن جا تحفظات ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪجهه وقت گُهربل آهي، عورتن ۽ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان حڪومت پاران قدم کنيا پيا وڃن ۽ نياڻين جا اسڪول جلد کوليا ويندا. ان موقعي تي هن عبوري ڪابينه جي ميمبرن جي نالن ۽ انهن کي ڏنل قلمدانن جو پڻ اعلان ڪيو.