پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي سيلووينيا جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

image
APP07-230921 New York: September 23- Foreign Minister of Pakistan, Makhdoom Shah Mahmood Qureshi meeting with H.E. Dr. Anze Logar, his counterpart of Slovenia, on the sidelines of the 76th UNGA session in New York state of America. APP

اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سيلووينيا جي پرڏيهي وزير اينزي لوگار سان ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته سيلو وينيا يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، پاڪستان سيلو وينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پرڏيهي وزير يورپي يونين جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي سيلو وينيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت اجتماعيت جي حامل هوندي، پاڪستان گڏيل ذميداري تحت افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، افغانستان ۾ امن جي قيام جو فائدو سڄي خطي کي هڪجهڙو ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته حالتون بگاڙ جو شڪار ٿيون ته سڀ متاثر ٿيندا، پاڪستان افغانستان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جو حامي آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ امڪاني انساني ۽ اقتصادي بحران کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري کي افغانين جي مدد لاءِ موثر قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيل رابطن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ ايس سي او سمٽ جي موقعي تي ايس سي او ۽ سي ايس ڊي او جي وفدن جي سربراهن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان سيلو وينيا جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي رهواسين ۽ عالمي ادارن سان تعلق رکندڙ 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي، پرڏيهي وزير لوگار عالمي انخلا جي ڪوششن کي آسان بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سيلو وينيا جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطن ۽ علائقائي مسئلن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ