اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ڊيجيٽل پاڪستان اسان جو ويزن آهي، انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي جي شعبي ۾ ترقي سان پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو، ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو ??نگ وڌائڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ ٽ??ڪن??لاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ چين وانگر جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي مهم ۾ پي ٽي اي جو ??هم ڪردار آهي. صدر قومي براڊ بينڊ نيٽ ورڪ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه، انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ۽ ٽيلي مواصلاتي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن پڻ خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي فورم منعقد ڪرڻ تي پي ٽي اي ۽ هواوي کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ??ه دنيا جي هر ملڪ ۾ ٽ??ڪن??لاجي بابت فيصلاسازن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ جنريشن گيپ هوندو آهي، انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي جي لاءِ ضروري اهي ته اها تيزي سان ترقي ڪري. صدر چيو ??ه آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ حڪومت پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي، حڪومت جي ڪوشش هوندي ته اها ان ۾ سهولت جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ??ه حڪومت جهڙي طرح روانگي واپار ۽ آمدني واپار سميت معيشت جي مختلف شعبن ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اها آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ پڻ پنهنجون ترجيحون ت??ين ڪندي. صدر چيو ??ه ڊيٽا جو ??ستعمال ضروري آهي، دنيا وٽ ايتري ڊيٽا موجود آهي جو ??ن جو ??جزيو ڪرڻ به مشڪل آهي. هن چيو ??ه ٽ??ڪن??لاجي ۾ جدت اچي رهي آهي، براڊ بينڊ ۾ به وسعت اچي وئي آهي، ٽ??ڪن??لاجي جي ترقي جي لاءِ مستقبل جي ضرورتن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو، پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو ??ستعمال چاهيون ٿا جنهن جي لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي گري ٽيليفوني کي روڪڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو ??نگ تمام گهٽ آهي جنهن کي وڌائڻ جي لاءِ سمورين يونيورسٽين کي هدايت ڪئي وئي آهي، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو ??نگ وڌڻ گهرجي ۽ حڪومت ان عمل جي حوصلا افزائي ڪندي، جڏهن ته صدر اهو واضح ڪيو ??ه آءِ ٽي جي شعبي ۾ هنرمند ماڻهن کي ت??ار ڪري انهن کي ٻاهرئين ملڪ بدران ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ??ه ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي مهم ۾ پي ٽي اي جو ??هم ڪردار آهي، ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ حڪومت جي بهتر فيصلن جي ڪري اي ڪامرس ۽ ٽ??ڪن??لاجي جي استعمال ۽ ان کي ترقي ڏيڻ جو ??مل آسان ٿي ويو، آءِ ٽي ۽ جديد ٽ??ڪن??لاجي جي استعمال سان بيمارين تي پڻ ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، ضرورتمندن کي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقم فراهم ڪري رهيا آهيون.