اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ٽيڪنالاجي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسپيشل ٽيڪنالاج?? زونز کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽيڪنالاج?? زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. ملاقات ۾ اسپيشل ٽيڪنالاج?? زونز تي اڳڀرائي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي گهري دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي شعبي جو روانگي واپار وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ افرادي قوت ۽ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسپيشل ٽيڪنالاج?? زونز تي ڪم تيزي سان جاري آهي جتي ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز کي جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿي سگهندي پر قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿيندو. وزيراعظم هدايت ڪ???? ته اسپيشل ٽيڪنالاج?? زونز جي حوالي سان ضروري قدم جلد کڻڻ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.