اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مقامي ۽ عالمي منڊين ۾ افرادي قوت جو حصو بڻائڻ لاءِ مختلف هنر سيکارڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ??نگ تعلقي ڊسڪه جي صدر افنان علي ساهي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو ڪامياب جوان پروگر??م نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي قرضن ۽ مهارت تي ٻڌل تربيت جي فر??همي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته معاشري جي پوئتي پيل طبقن جي مدد ۽ ملڪ جي خوشحال بڻائڻ لاءِ نوجوانن جو ڪردار اڻٽر آهي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ يوٿ ??نگ تعلقي ڊسڪه جي صدر نوجوانن کي بااختيار بڻائن ۽ کين مالي قرضن ۽ هنر جي تر??ي جا موقعا فر??هم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. افنان علي ساهي وفاقي وزير کي پي ٽي آءِ يوٿ ??نگ ڊسڪه جي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.