اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سيالڪوٽ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪالهه کان سوچي رهيو هئس ته سيالڪوٽ واقعي تي ڇا لکان، لفظ ته بي عمل ٿي ويا آهن، اهڙا واقعا ??ڳو 48 ڪلاڪن ۾ اسان کي تڪليف ڏين ٿا، پوءِ سڀ نارمل ٿي وڃي ٿو ۽ ايستائين احساس دفن رهي ٿو جيستائين اڳيون واقعو نه ٿئي، اها بي حسي وڏي طوفان جي اڳڪٿي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي آڏو ملڪن ۾ رت جا درياءَ وهي ويا، اسان معاشري ۾ ٽائم بم لڳائي ڇڏيا آهن، انهن بمن کي ناڪاره نه بڻايو ته اهي ڦاٽندا. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته وقت ??ار??ءَ وانگر هٿن مان نڪري رهيو آهي تمام ??هڻو ڌيان گهرجي تمام ??هڻو ڌيان.