صدر پاران اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي سطح تي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور

image
APP06-311221 KARACHI: December 31 - President Dr. Arif Alvi meeting with the officials of Federation of Public Service Commission (FPSC) at Governor House. APP photo Syed Abbas Mehdi

ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي سطح تي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اها ڳاهه هتي گورنر هائوس ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جي چيئرمين ڪيپٽن (ر) زاهد سعيد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت کي فخر آهي ته اقليتن جي مسئلن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ اقليتن سان تعلق رکندڙ تقريبن 19 هزار وفاقي ملازم مختلف اسڪيلز تي مقرر آهن، هن اقليتي ملازمن کي اڳئين درجن ۾ وڌيڪ ترقين لاءِ تربيت ۽ تعليم فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سي ايس ايس جو خصوصي امتحان جلد منعقد ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۽ بلوچستان مان سيٽن جو بيڪ لاگ ڀري سگهجي. ان موقعي تي ايف پي ايس سي جي چيئرمين صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ايف پي ايس سي جي سالياني رپورٽ 2020ع به پيش ڪئي.

مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria