اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان وٽ مناسب ٽيڪ ٽيلينٽ مو??ود آهي جڏهن ته ان جي معيشت غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ سازگار ٿي رهي آهي، پاڪستان آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا پيش ڪيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين کي ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ رهندڙ ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز جي ا??لاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اس??يش?? ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، ايڊوانس انٽيلي جنس گروپ جي جيف شيف، ذڪر سمر ۽ عمير جاويد وڊيو لنڪ ذريعي جي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته پاڪستان ۾ ٽيڪ ڪمپنين جي لاءِ ايپ ڊيولپمينٽ، AI تي ٻڌل ڊيجيٽل شناختي حل، ڊيجيٽل ادائيگين، اي ڪامرس ۽ ڊيجيٽل مٽاسٽا جي ناڻي جي پليٽ فارم جي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا مو??ود آهن. ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته پاڪستان جو ٽيڪ ٽيلينٽ عالمي مارڪيٽ جي لاءِ ڪشش جو هڪ وڏو ذريعو آهي. ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حل اختيار ڪرڻ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چ??و ته ڪاروباري ا??ارن کي پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي، خاص طور تي مصنوعي ذهانت ۽ بگ ڊيٽا سليوشنز کي ا??تعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چ??و ته حڪومت ڊيجيٽلائيزيشن ڊيٽا انٽيگريشن ۽ سائبر سيڪيورٽي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ون ونڊو جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. صدر اس??يش?? ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ۽ معاونت جي حڪومتي عزم کي پڻ ساراهيو.