اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ماسڪو ۾ پنهنجي اصولي موقف کي دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو ته طاقت جو استعمال ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي، روس ۽ يوڪرين کي ڳالهين سان مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو روس جو دورو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پا??ست??ن علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تڪرارن بدران پائيدار امن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پنهنجي قومي مفادن کي مٿانهون رکندي سفارتي سطح تي اسان کي پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد پڻ ملي آهي. مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي دوري جي ٽائيمنگ تي سوال اٿاريندڙن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته وزيراعظم وڏي مئچ جو وڏو رانديگر آهي، ڪشمير مسئلي کان وٺي ??فغ??نستان ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون، ٻطرفن لاڳاپن، اسلامو فوبيا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، عمران خان انشاءَ الله نه ڪڏهن جهڪندو، نه پا??ست??نين کي جهڪڻ ڏيندو.