اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ماضي ۾ بي اعتمادي رٿ ۾ نوٽن جون ٻوريون متعارف ڪرائڻ ۽ ضمير جون منڊيون لڳائيندڙ نواز شريف ۽ زرداري هارس ٽريڊنگ کي عروج تي پهچايو ۽ مشهور اصطلاح ڇانگا مانگا جي سياست متعارف ڪرائي، هاڻي جيڪا بي اعتمادي رٿ آندي وئي آهي، ان جو مقصد ئي اهو آه?? ته ٻولي لڳايو، ميمبر کنڀيو ۽ ڇانگا مانگا کڻي وڃو پر هاڻي انهن و?? نه ئي ڇانگا مانگا آهي ۽ نه ئي ميمبرن جا ضمير وڪرو ٿ??ڻ لاءِ تيار آهن، هن ڀيري مخالف ڌر جون ڪوششون ناڪام ٿينديون، انهن واپارين جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ وزيراعظم عمران خان آهي، مولانا فضل الرحمان جي سياست سياسي مفاد جي لاءِ آهي، ننهو منو سياستدان جيڪو اسان جي ٻولي نه ٿو ڳالهائي سگهي اهو اسان جا جذبا ۽ ڳالهه ڇا سمجهندو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي گذارش آه?? ته بي اعتمادي جي رٿ کي جلد کان جلد ايوان ۾ آندو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر سان ??ڏ اسلام آباد ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته 1989ع ۾ پهريون ڀيرو جڏهن بي اعتمادي رٿ آندي وئي ان و??ت نواز شريف جي آءِ جي آءِ هئي ۽ جي يو آءِ ان جو حصو هئي، ان و??ت جيڪي نوٽن جون ٻوريون کوليون و??ون ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ جي لاءِ جيڪي منڊيون ۽ ٻوليون لڳايون و??ون انهي سان ئي ”ڇانگا مانگا جي سياست“ جي مشهور اصطلاح وجود ۾ آئي، پوءِ زرداري ميدان ۾ لٿو ۽ هن پنهنجي مارڪيٽ کولي ڇڏي ۽ ماڻهن کي مريءَ کڻي ويو، خريد ۽ وڪرو ۽ ميمبرن جي ضميرن جي خريداري جي شروعات پاڪستان ۾ جن ٻن ماڻهن عروج تي پهچايو اهي نواز شريف ۽ زرداري هئا، هاڻي انهن بنهي گڏجي فيصلو ڪيو ته خريد ۽ وڪري جي پنهنجي ئي اسٽاڪ مارڪيٽ کولي ڇڏيون. هن چيو ته هاڻي جيڪا بي اعتمادي رٿ وزيراعظم جي خلاف آندي وئي آهي ان جو مقصد ئي اهو آه?? ته ٻولي لڳايو، ميمبر کنڀيو ۽ ڇانگا مانگا کڻي وڃو، پر هاڻي انهن و?? نه ئي ڇانگا مانگا آهي ۽ نه ئي ميمبر پنهنجا ضمير وڪرو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. وفاقي وزير چيو ته 1989ع جي ان مشق جيترو نقصان پاڪستان جي اسيمبلي ۽ جمهوريت کي پهچايو اسان ان جو ازالو اڃا تائين نه ڪري سگهيا آهيون، انهي منڊي جا ٻه اهم مهرا ٻيهر اها اسٽاڪ مارڪيٽ کڻي آيا آهن ۽ هن ڀيري انهن جي ڪا ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي. انهن پئسن جي واپارين جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ آه?? ته اهو آهي عمران خان. 1989ع کان و??ي يا جڏهن کان انهن سياست شروع ڪئي زرداري هجي يا نواز شريف ٻنهي جو هڪ ئي ماڊل رهيو آه?? ته پئسا لڳايو ماڻهن کي خريد ڪيو ۽ حڪومت ۾ اچو ۽ پوءِ ملڪ کي ڦريو ۽ جيڪو پئسو لڳايو هو، ان ??ان ??بل ڪمايو ۽ ملڪ کان ٻاهر هليا وڃو. هن چيو ته هي سياست جو اهو ماڊل آهي جنهن جي شروعات نواز شريف ۽ زرداري شروع ڪئي ۽ پوءِ ان ۾ مولانا فضل الرحمان جي انٽري ٿي جنهن اڳ ۾ 1993ع ۾ بينظير ڀٽو کان مفاد ورتا، ان ??ان اڳ ڊيزل جي پرمٽ جي ڪنهن کي ڄاڻ ئي نه هئ?? ته اها پرمٽ به هوندي آهي، فضل الرحمان ??يزل پرمٽ وٺڻ شروع ڪئي. ان ??انپوءِ هن ان و??ت جي طاقتور ٻاهرئين طاقتن کان پئسا سڌوسنئون و??ڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ مولانا فضل الرحمان جي هيڊ آفيس ڏسندا ته توهان ??ي خبر پئجي ويند?? ته ڪهڙي ملڪ جي امداد سان اها ٺاهي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ت?? انهي دوران هڪ ننهو منو ليڊر نَنهو مُنو مارچ کڻي اسلام آباد جي مٿان ??ڙهي آيو، ان تي حيرانگي آهي جيڪو بنيادي ڳالهه نه ٿو سمجهي سگهي ۽ هو اسان جي زبان ??الهائي نه ٿو سگهي اهو اسان جا جذبا ۽ ڳالهه ٻولهه ڇا سمجهندو. هن چيو ته اها ت?? انهن جي غلط فهمي هئي، اهي جڏهن پنجاب ۾ داخل ٿيا ۽ پنجاب انهن جي منهن چماٽ هڻڻ شروع ڪيون. نديم افضل چن پيپلزپارٽي ۾ شموليت جي لاءِ ويو ته هڪ ڏينهن اڳ مون و?? آيو، مون چيو ته پيپلزپارٽي ۾ ڇو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪو سياسي فيصلو ڪرڻو آه?? ته پيپلزپارٽي قطعي طور بهتر چوائس نه آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جون جيڪي حالتون آهن جن ماڻهن جو ذاتي ووٽ بئنڪ به آهي، جڏهن انهن تي زرداري جو ٺپو لڳي ٿو ته 10 هزار ووٽ گهٽ ٿي وڃن ٿا. پيپلزپارٽي جي ڪير ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ اين ايف سي جو پئسو ننهي مُني مارچ کي ڪامياب ڪرائڻ جي لاءِ پاڻي وانگر وهايو ويو، سرڪاري گاڏين تي بينرز ۽ جهنڊا لڳي رهيا هئا ۽ ايمبولينس تي بانس ٻڌل هئا. هن چيو ته 18 هين ترميم جي نالي تي عجيب تماشو لڳل آه?? ته صوبن کان توهان پڇي نه ٿا سگهو ۽ صوبن ۾ اهڙي طرح پئسو ضايع ٿي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن دنيا هڪ سنگين مالي بحران جو شڪار آهي، آمريڪي صدر جو بائيڊن اعلان ??يو آه?? ته هو روس کان تيل ۽ گئس به خريد نه ڪندا، ان ??انپوءِ اهو عالمي مالياتي بحران وڌيڪ ڏکيو ٿ?? ويو آهي. هن چيو ته اسان اهو سمجهون ٿا ته هن و??ت هڪ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي گذارش ڪري رهيا آهيون ته بي اعتمادي رٿ کي ڊگهو نه لٽڪايو وڃي، ان ??ي جلد کان جلد ايوان ۾ کڻي اچو ڇو ته ملڪ هڪ ڊگهي بحران ??ي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر کي 172 ماڻهو شو ڪرڻا آهن، اسان جا 179 ماڻهو وزيراعظم عمران خان جي حمايت ڪن ٿا ۽ اميد آه?? ته 5 کان وڌيڪ ٻين ميمبرن جي حمايت ملي ويندي جنهن کانپوءِ 184 کان وڌيڪ ماڻهو حمايت ۾ هوندا، مخالف ڌر 172 ماڻهو آڻي ۽ همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪري ميڊيا آڏو ئي آڻي ڇڏ?? ته جيئن خبر پئجي وڃ?? ته ڪير ڪٿي بيٺل آهي، جيڪو ووٽ توهان عوام کان و??و ٿا اهو ڪنهن پارٽي ٽڪيٽ يا پارٽي ليڊر جي ڪري وٺو ٿا تنهن ڪري اها ٽڪيٽ پارٽي جي امانت آهي جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ 172 ماڻهو آهن ته ميڊيا تي آڻي ۽ دير نه ڪري. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪا دڪان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي 3 ميمبرن جن ۾ ٻه عورتون به شامل آهن، انهن وزيراعظم کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ت?? انهن کي 10، 10 ڪروڙ جي آفر ٿي آهي. گذريل ڏينهن به هڪ قومي اسيمبلي ميمبر ٻڌايو ته ان ??ي پئسن جي آڇ ڪئي وئي پر هن ان ??ان انڪار ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته جيڪي واپاري اهڙي قسم جي سياست ڪري رهيا آهن اسان ان ??ي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته هاڻي اسان مخالف ڌر سان ??الهه ٻولهه جي ڪوشش نه ڪري رهيا آهيون ڇو ته اسان اڳ ۾ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ۽ انهن کي چونڊ سڌارن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه جي آڇ ڪئي پر ڪير ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار نه آهي، جڏهن انهن کي عزت راس نه آه?? ته انهن سان ??الهه ڪرڻ جو به ڪو فائدو نه آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست آه?? ته فوري طور تي اجلاس گهرائي ۽ ان معاملي کي اڪلائي. ان موقعي تي توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر پڻ معاشي صورتحال تي روشني وڌي.