اسلام آباد – 02 – اپ??يل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڄ شه??از شريف جي ڪيس ۾ ضمانت ملتوي ڪرڻ واري درخواست کي ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري سومر ڏينهن دليلن جي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انشاءَ الله سومر ڏينهن ضمانت ملتوي تي فيصلو اچي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شه??از شريف کي اسپ??شل ڪورٽ سينٽرل لاهور پاران جاري ڪيل نوٽيس پڻ شيئر ڪيو جنهن ۾ کيس 4 اپ??يل 2022ع تي عدالت ۾ حاضر ٿي جواب درخواست داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.