اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورن??زي?? چيو آهي ته گوجرانوالا ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر بلال تارڙ جي اوطاق تي پي ٽي آءِ پاران فائرنگ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بلال تارڙ تي قاتلاڻو حملو عمران خان جي چوڻ تي ڪيو ويو، الله جو شڪر آهي ته بلال تارڙ جي جان محفوظ رهي، معيشت جي جان وٺندڙ هاڻي سياسي مخالفن جي جان وٺڻ جي پويان آهن، پنهنجي لاءِ وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي خيرات گهرندڙ عمران نيازي ٻين جي زندگي وٺڻ جي پويان آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسلام آباد کي باهه ڏيندڙن جون دليون سياسي انتقام جي باهه ۾ سڙي رهيون آهن، گاريون ڏيندڙ هاڻي گوليون هلائڻ تي اچي ويا آهن. هن چيو ته عمران خان فسادي مارچ ۾ عبرتناڪ ??سو??ئي کانپوءِ دهش??گر??ي جو رستو اختيار ڪري ورتو آهي، هن چيو ته معيشت ۽ عوام جي خلاف معاشي دهش??گر??ي ڪندڙن جي فسادي سياست عوام دفن ڪري ڇڏي آهي. مريم اورن??زي?? بلال تارڙ ۽ سندس گهروارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهش??گر??ن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته عمران خان سياسي مخالفن جي زندگي وٺڻ جي منفي سوچ ڇڏي، ملڪ ۽ عوام جي خلاف پنهنجي ڏ??هن تي الله تعاليٰ کان معافي گهري.