انقره – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف تر??ي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو ٿي ويو آ??ي. ايسن بوعا ايئرپورٽ تي تر??ي جي واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي ال??داع ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين تر??ي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو تر??ي جو اهو پهريون دورو هو، وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيو?? به ٿيون، صدر اردوان وزيراعظم شهباز شريف جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل لوگو جاري ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن اها سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف سندس ۽ سندس وفد جو والهاڻو استقبال ۽ شاندار ميزباني تي تر?? صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم صدر طيب اردوان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني، دوري دوران وزيراعظم تر??ي جي مشهور ڪاروباري ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سا?? به ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم پاڪستان تر??ي بزنس ڪائونسل فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم جديد تر??ي جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي به ح??ضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، وزيراعظم سان تر?? پرڏيهي وزير، صحت واري وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتو?? به ڪيون.