اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته جاپاني ڪمپنين کي درپيش سمورا مسئلا هڪ هفتي جي اندر حل ڪري کين رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ايڪسپورٽ پراسيسنگ زونز کي ٽيڪس فري ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان ج??ري بيان موجب وزيراعظم سان جاپاني ڪمپنين جي ??فد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چ??و ته جاپاني ??فد کي دعوت ڏيون ٿا ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري ۽ واپار جي فروغ لاءِ پاڪستان جو جلد دورو ڪن، پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنيون پنهنجي سيڙپڪ??ري سان ايڪسپورٽ ان??سٽ??ي جي قيام تي ڪم ڪن،ٿر ۾ ڪوئلي، چنيوٽ ۾ لوهه جا ذخيرا، قابل تجديد توانائي، انفرااسٽرڪچر ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪ??ري ۽ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، اهي ملاقات وزيراعظم جي سمورين مقامي ۽ عالمي ڪاروب??ري ۽ واپ??ري اسٽيڪ هولڊرز سان بجيٽ جي سلسلي ۾ ملاقاتن جي هڪ ڪڙي آهي، جاپاني ??فد ۾ پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ميستو هيرو واڊا، جاپاني ڪمرشل اتاشي ?? سمورن وڏن صنعتي ۽ واپ??ري شعبن ۾ ڪم ڪندڙ جاپاني ڪمپنين جا نمائندا شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خرم دستگير، مفتاح اسماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. جاپاني ڪمپنين وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان کانسواءِ جاپاني ڪمپنين اليڪٽرڪ وهيڪل مينو فيڪچرنگ، فوڊ پراسيسنگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر، ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۽ آٽو پارٽس مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪ??ري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ جاپان 2022ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، وزيراعظم چ??و ته جاپان جي ترقي پوري دنيا لاءِ مثال آهي، پاڪستان – جاپان تعاون کي فروغ ڏئي پاڪستان جاپان جي تجربن مان لاڀ پرائي سگهي ٿو.