اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪ??رونا وائرس کي منهن ڏيڻ لا??ِ صحت جي عالمي اداري جو بر??قت تعاون مثالي رهيو، پاڪستان هن خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري جي نمائيندي ڊاڪٽر پليٿا گونراٿنا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر پليٿا سينيٽ چيئرمين کي ڊبليو ايڇ او جي پاڪستان ۾ منصوبن کان آگاهه ڪ??و ۽ چيو ته پاڪستان ان خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪ??رونا وائرس کي منهن ڏيڻ لا??ِ ڊبليو ايڇ او جو ??قت سر تعاون مثالي رهيو. اميد آهي ته ڊبليو ايڇ او پاڪستان جي لا??ِ تعاون جي فراهمي جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ صحت جي عالمي اداري سدائين مدد ڪئي آهي. پوليو جي خاتمي وارن قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سينيٽ چيئرمين ڪورونا وائرس (ڪووڊ 19) ويڪسين تائين پهچ لا??ِ بھترين تعاون فراهم ڪرڻ تي ڊاڪٽر پليٿا جو ٿورو ادا ڪيو.