پشاور – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ سٽيل ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو جتي هو ٻا??ن سميت ٻوڏ مت??ثرين سان مليو ۽ انهن کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خا??ري ڪرائي. ٻوڏ مت??ثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم نوشهره ضلعي جي ٻوڏ مت??ثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته حڪومت انهن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. شهباز شريف چيو ته حڪومت آخري ٻوڏ مت??ثر جي بحالي ۽ آبادڪاري تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا قومي تعميراتي ادارا ٻوڏ مت??ثرين تائين پهچڻ ۽ انهن کي هنگامي بنيادن تي ضروري امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهن، ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ رستن جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ ٻوڏ جي موجوده صورتحال مان ڪاميابي سان نڪري ايندو ۽ مت??ثرين پنهنجي معمول واري زندگي طرف واپس ويندا. وزيراعظم ڪئمپ جي ??ند?? ٻوڏ مت??ثرين جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي هر ممڪن تعاون جي خا??ري ڪرائي. شهباز شريف مت??ثرين کي چيو ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل جي آفتن کان اسان جي عوام جي حفاظت جي لاءِ دعا ڪن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻا??ن سان پيار جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ ايم پي اي اختيار اردلي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.