اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ بوڏ سان پورو ملڪ متاثر ٿيو آهي ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي ڀائيچاري ۽ ٻڌي جي ضرورت آهي جڏهن ته نادرا ۽ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن پاران وز??را??ظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ 12 ڪروڙ رپيا ۽ 5 ڪروڙ رپين جون دوائون عطيو ڪيون ويون. ڪالهه خميس ڏينهن وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم اهڙن خيالن جو اظهار مختلف وفدن سان ملاقات ۾ ڪيو. وز??را??ظم محمد شهباز ش??يف سان نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ملاقات ڪئي ۽ وز??را??ظم ??ي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 10 ڪروڙ رپين جو چيڪ پيش ڪيو. چيئرمين قاضي محمد منصور دلاور جي سربراهي ۾ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي وفد پڻ وز??را??ظم سان ملاقات ڪئي ۽ وز??را??ظم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 2 ڪروڙ رپين جو چيڪ پيش ڪيو. پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 5 ڪروڙ رپين جون دوائون پڻ عطيو ڪيون. ان موقعي تي وز??را??ظم ??يو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو هن آفت کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته اسان قومي يڪجهتي جي ذريعي هن مشڪل وقت جو مقابلو ڪنداسين، پوري قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀينرن ڀائرن جي مدد جي لاءِ وڌي چڙهي حصو وجهن. وز??را??ظم اين ڊي ايم اي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي مختلف متاثر علائقن ۾ دوائن جي ضرورت جو تعين ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن سان گڏجي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائين. پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن ضرورت پوڻ تي وڌيڪ دوائون عطيو ڪرڻ جو پڻ وچن ڪيو. اسلامڪ ريليف جي گلوبل چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم احمد جي سربراهي ۾ وفد پڻ وز??را??ظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ اسلامڪ ريليف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آصف علي ش??را??ي ۽ ڪنٽري ايڊووڪيسي اسپيشلسٽ رضا قاضي پڻ موجود هو. اسلامڪ ريليف وز??را??ظم ??ي بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ سٽيلن جي ريليف جي لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏني. هن وز??را??ظم ??ي 3 ڪروڙ پائونڊ عطيو جمع ڪرڻ جي هدف بابت پڻ آگاهه ڪيو.