اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي فٽبال گرائونڊ ۾ بدنظمي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه?? جنهن ۾ اٽڪل 125 ماڻهو ف??ت ۽ 323 زخمي ٿيا آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته هو ان سانحي تي تمام گهڻو ڏکويل آه?? ۽ سوڳوار خاندانن، ??ڪو??ت ۽ انڊونيشيا جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ ??ڪو??ت مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انڊونيشيا جي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آه??. هن الله تعاليٰ کا?? فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي صبر جميل عطا ڪرڻ ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي.