اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ گڏ??ل عرب امارات سان ٺوس اقصادي حصيداري جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏ??ل عرب امارات سان اقتصادي سفارتڪاري ۽ سيرپڪاري جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي ان جي موجوده سطح 10.6 بلين ڊالر کان وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏ??ل عرب امارات ۾ ??اڪ??تان جي نامزد سفير فيصل نياز ترمذي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي، واپار، صنعت، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته گڏ??ل عرب امارات ۾ رهندڙ 16 لک ??اڪ??تاني هڪ اثاثو آهن ۽ بنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪ??تانين پاران موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو 22 – 2021ع ۾ 5.814 بلين ڊالر رهيو جنهن ??اڪ??تان کي پنهنجي پرڏيهي ناڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. صدر عارف علوي ??اڪ??تان ۾ بوڏ سٽيلن جي امداد تي گڏ??ل عرب امارات جي حڪومت جا ٿورا مڃيا، گڏ??ل عرب امارات مان 57 امدادي اڏامون ۽ 2 سامونڊي جهاز امدادي سامان کڻي ??اڪ??تان پهچي چڪا آهن. هن ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف ۾ گڏ??ل عرب امارات پاران ??اڪ??تان جي حمايت سان گڏوگڏ ??اڪ??تان جي ليڪويڊيٽي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ جي لاءِ 2 بلين ڊالر فراهم ڪرڻ جي قدم کي پڻ ساراهيو. گڏ??ل عرب امارات پاران ??اڪ??تان ۾ 2.9 بلين ڊالر جي سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر نامزد سفير کي چيو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪ??تانين جي ??اڪ??تان جي آن لائين اعليٰ تعليمي ادارن بشمول علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي سان ڊيجيٽل رابطو پيدا ڪري ته جيئن انهن جي ڊيجيٽل صلاحيتن کي به??ر بڻائڻ ۾ مدد ملي ۽ ان جي مهارتن جي فروغ جي لاءِ اعليٰ ڪورسز پڻ شروع ڪيا وڃن جنهن سان انهن جي آمدني کي به??ر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان سلسلي ۾ هن خاص طور تي وزيراعظم جي ڊيجيٽل مهارتن جي تربيتي پروگرام تي روشني وڌي. صدر نامزد سفير کي هندستاني معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن ۽ هندوتوا بالادستي جي نظرين جن سان اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي زندگين کي خطري بابت گڏ??ل عرب امارات جي قيادت کي آگاهي ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.