اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پيرس ۾ فرانس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي صدر ٿيري فليمن ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ويوا ٽيڪ فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئر??، سائنسز، پويو يونيور??ٽي ۾ خطاب ڪيو. هن ايسوسيئيشن آف گرينڊ ايڪولس ۽ ڪئمپس فرانس جي هڪ وفد سان به ملاقات ڪئي. پيرس ۾ پاڪستان جي سفارتخاني پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير جي ٿيري فليمن جوٽوٽل گلوبل سروسز جي سي اي او به آهي سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. حنا رباني کر فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقا?? ۾ ??نهي ملڪن جي اسٽارٽ اپ سيڪٽرز جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ايندڙ سال ويواٽيڪ ايونٽ ۾ پاڪستان جي شرڪت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئر??، سائنسز پويو يونيور??ٽي جي شاگردن سان ”پاڪستان ۽ اڀرندڙ ورلڊ آرڊر“ جي موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن کانپوءِ سوالن جوابن جو سيشن ٿيو. هن يونيور??ٽي جي فيڪلٽي سان تعليمي تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. ڪئمپس فرانس ۽ ڪانفرنس آف گرينڊي ايڪولس ڪي جي نمائندن سان ملاقا?? ۾ ??ملڪتي وزير پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ اداراجاتي رابطن ۽ مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.