اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته پاڪستان کي شديد ترين ماحولياتي تبديليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ برساتن سان ملڪ جو اڪثر حصو پاڻي هيٺ آهي، معاشي بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوپ – 27 ماحولياتي تبديلي جي ??ثرن، نقصانن ۽ بحالي جي ??والي سان انتهائي اهم آهي، ماحولياتي تبديلي جي نقصانن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ پڻ موسمياتي تبديلي جي ڪري آئي. هن چيو ??ه ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، خطرن کا?? بچڻ ۽ بحالي جي لاءِ پوري دنيا جي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ??ه موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪ?? آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتون درپيش آهن، ٻوڏ جي ڪري پاڪستان کي شديد جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پي?? آهي. هن چيو ??ه ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان پهت?? آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري جي ??ها ذميواري آهي ته اها ماحولياتي تبديلي جي ??ثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جو حل ڳولي.