اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهبا?? شريف عالمي سطح تي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي هڪ مثال جي طور تي پيش ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته موسمياتي تبديل?? جي واضح چئلينج کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان واعدن کي عملي شڪل ڏني وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن ڪوپ – 27 ۾ اعليٰ سطح تي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي هڪ مثال جي طور تي پيش ڪيو ته موسمياتي تبديلي ڪنهن ملڪ کي ڪهڙي طرح ن??صان پهچائي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته هن عالمي اڳواڻن جو ڌيان وڏي پئماني تي ماليا??ي خال کي پورو ڪرڻ، زيان ۽ نقصان کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت طرف ڇڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته مون دنيا تي زور ڏنو ته اها موسمياتي تبديل?? جي واضح چئلينج کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿئي. هي صورتحال موسمياتي تبديل?? جي چئلينج جي خلاف صلاحيتن، ماليات ۽ ٽيڪنالاج?? جي رخ ۾ تبديل?? جي گهرج ڪري ٿي.