اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان قومي سلامتي بابت اسرائيل?? وزير جي م??جد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي اشتعال انگيز قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مسجد اقصيٰ هڪ مقدس جڳهه آهي جنهن جو سڄي دنيا جا مسلمان احترام ڪن ٿا، ان جي تقدس جي خلاف ورزي م??لمانن جي م??هبي حساسيت کي م??روح ڪري ٿي ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اڳ کان ڇڪتاڻ واري صورتحال کي هوا ڏي ٿي. هن چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو پنهنجا غيرقانوني قدم بند ڪري ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ مسلمانن جي م??هبي جاين جي تقدس جو احترام ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو، پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل ق??ار??ادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جنهن القدس الشريف گادي وارو شهر هجي، جي پنهنجي م??البي جي تجديد ڪري ٿو.